Bedil In Sindhi

منھنجي دز مٽي – ابوالمعانی بیدل رح

منھنجي دز مٽي – ابوالمعانی بیدل رح

منھنجي دز مٽي منھنجي دز مٽي جا آثار ڪنهن قافلي جي پٺيان نظر نه آيا. حيرت ۾ آهيان ته آخر مان ڪٿي رهجي ويس ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪٿي ڇڏي آيس.

ذات الاهي منز هٰ مطلق – ابوالمعانی بیدل رح

ذات الاهي منز هٰ مطلق – ابوالمعانی بیدل رح

ذات الاهي منز هٰ مطلق ذات الاهي منز هٰ مطلق ۽ پاڪ آهي، صفات کان به قطعي پاڪ آهي. صفات جي حيثيت محض تشبيهات ۽ علامت جي آهي. صفات کي سهارو ۽ اشارو سمجهو جن جي مدد سان اسان جي ذهن ۾ هڪ تصور پيدا ٿيندو آهي. حقيقت ۾ وحده لاشريک جو مطلب اهو آهي ته صفات کي به شريڪ نٿو ڪري سگهجي. توهين جي چاهيو ته انهي ذات ...

بیدل هن دبستان – ابوالمعانی بیدل رح

بیدل هن دبستان – ابوالمعانی بیدل رح

هن دبستان )حيات( جي هر راز سان ڀريل صفعي کي پڙهيو ۽ هن گلستان )ڪائنات( جي رنگين ڪتاب جو خوب مطالعو ڪيو. بس هڪ ئي نقش نمايان ٿي ڪري سامهون آيو. اهو هيو عنقا )عدم( جي پرن جي دز )غبار(. فقير طارق حيات لاشاري

وصل جو طالب جڏهن – ابوالمعانی بیدل رح

وصل جو طالب جڏهن – ابوالمعانی بیدل رح

وصل جو طالب جڏهن وصل جو طالب جڏهن اکيون بند ڪندو آهي ته دل جاڳندي آهي. اگر هو جيڪڏهن غافل ٿي وڃي، اهو قطعي ناممڪن آهي.

مان اها ساوڪ آهيان جنهن – ابوالمعانی بیدل رح

مان اها ساوڪ آهيان جنهن – ابوالمعانی بیدل رح

مان اها ساوڪ آهيان جنهن مان اها ساوڪ آهيان جنهن کي سيرابي ميسر نه ٿي سگهي. ان مان ڇا فائدو جو ساري عمر دريا جي ڪناري تي بيٺو رهيس. ٻي مثال هي سامهون رکو ته پنبڙين مان ڳوڙها ڪري رهيا آهن مگر ان ۾ جذب نه ٿا ٿين.منهنجي اها ئي حالت آهي.

حقيقت ۾ ئي ڪفر – ابوالمعانی بیدل رح

حقيقت ۾ ئي ڪفر – ابوالمعانی بیدل رح

حقيقت ۾ ئي ڪفر حقيقت ۾ ئي ڪفر ۽ ايمان جو ميلاپ ثابت آهي. ٻئ ي هڪ سڪي جا ٻه رُخ آهن. پوءِ به ڪجهه ماڻهو بدگماني جي ڪري ان حقيقت جي خلاف ورزي ڪندا آهن.

اهو ڪهڙو قطرو آهي – ابوالمعانی بیدل رح

اهو ڪهڙو قطرو آهي – ابوالمعانی بیدل رح

اهو ڪهڙو قطرو آهي اهو ڪهڙو قطرو آهي جنهن ۾ گهڻن سمنڊن جو زور و شور پوشيده نه آهي؟ حقيقت ۾ جيڪڏهن ذري جو دل چيري ڏٺو وڃي ته س ج جو طوفان جوش کائيندو نظر ايندو.

هستي جي افساني – ابوالمعانی بیدل رح

هستي جي افساني – ابوالمعانی بیدل رح

هستي جي افساني هستي جي افساني کان دل تنگ اچي وئي. ساههُ دزُ وانگر پيو اُڏامي. ان لاءِ اکيون بند ڪرڻ ئي بهتر آهي.

عاشقن جي مزاج ۾ – ابوالمعانی بیدل رح

عاشقن جي مزاج ۾ – ابوالمعانی بیدل رح

عاشقن جي مزاج ۾ عاشقن جي مزاج ۾ آرام ۽ فنا جي معني هڪ آهي. شعلو هڪ دفعو وسامجي ويو ته ٿڌو ٿي ويندو.

تنهنجي خيال جو رستو – ابوالمعانی بیدل رح

تنهنجي خيال جو رستو – ابوالمعانی بیدل رح

تنهنجي خيال جو رستو تنهنجي خيال جو رستو سڌوسئون دل تائين پهتو آهي. اهو سمجهڻ ته بت خانو رستي روڪ ڪندو يا ڪعبو وڃڻ نه ڏيندو. ٻئي ڳالهيون وهم آهن.

اسان جي ڪيفيت – ابوالمعانی بیدل رح

اسان جي ڪيفيت – ابوالمعانی بیدل رح

اسان جي ڪيفيت اسان جي ڪيفيت اها آهي ته نه بتخانو ڪنهن ڪم ۾ آيو ۽ نه وري ڪعبي جي خدمت جو ڪو نتيجو نڪتو. اسين هڪ شمع هئاسين جٿي به ويا سي پنهنجو پاڻ ساڙي ويٺاسين.

مقصد کي پائڻ لاءِ – ابوالمعانی بیدل رح

مقصد کي پائڻ لاءِ – ابوالمعانی بیدل رح

مقصد کي پائڻ لاءِ مقصد کي پائڻ لاءِ خاموش رهڻ کانسواءِ ٻيو ڪوئي چارو ئي ڪونهي. مثال واري انداز ۾ سمجهو ته قافلو جڏهن منزل تائين پهچي ويندو آهي ته اٺن جي ڳچي ۾ پاتل گهنٽين جي آواز پاڻ مرادو رُکجي ويندي آهي.

دوست گذري ويو ۽ جيڪي – ابوالمعانی بیدل رح

دوست گذري ويو ۽ جيڪي – ابوالمعانی بیدل رح

دوست گذري ويو ۽ جيڪي دوست گذري ويو ۽ جيڪي ڪجهه به هيو سو هٿن مان هليو ويو. اهڙو ٿڪيو هاريو ۽ مجبور ٿيس جو ان جي پوئتان وڃي به نه سگهيس ۽ خود پنهنجو پاڻ کان جدا به ٿي ويس.

بیدل هستي جي حقيقت – ابوالمعانی بیدل رح

بیدل هستي جي حقيقت – ابوالمعانی بیدل رح

هستي جي حقيقت سمجهڻ لاءِ ڪنهن وٽ بصيرت آهي ۽ عقل کي رسائي ڪٿان کان ٿئي؟ آخر اندهي جي آک ڇا ٿي ڏسي سگهي؟ بس هڪ فرضي شڪل فقير طارق حيات لاشاري

وهم جي عنقا – ابوالمعانی بیدل رح

وهم جي عنقا – ابوالمعانی بیدل رح

وهم جي عنقا وهم جي عنقا خام خيالي پرواز ڪندو رهيو ۽ عمر گذري وئي. تو کي ٿوري دير لاءِ به پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ وارا تقاضا پورا نه ٿي سگهيا جو تو کي خبر پئجي سگهي ها ته خود تنهنجي پرن ۾ ڪهڙي شئ ي لڪيل آهي.

مان انهيءَ لاءِ پنهنجو پاڻ – ابوالمعانی بیدل رح

مان انهيءَ لاءِ پنهنجو پاڻ – ابوالمعانی بیدل رح

مان انهيءَ لاءِ پنهنجو پاڻ مان انهيءَ لاءِ پنهنجو پاڻ کي يار جي سپرد ڪيان ٿو ته هو مون کان منهنجو وجود جو ويسارو ڪرائي ڇڏي.

حُسن جو هميشه لحاظ – ابوالمعانی بیدل رح

حُسن جو هميشه لحاظ – ابوالمعانی بیدل رح

حُسن جو هميشه لحاظ حُسن جو هميشه لحاظ رکجانءِ ڇو ته حُسن کي شرم ۽ حجاب پسند آهي. پري محبوب پنهنجو تماشو ڏيکارڻ لاءِ هڪ مطالبو رکي ٿي. يعني بند اکيون رکيون وڃن.

اهل راز ڄاڻن ٿا ته زندگي – ابوالمعانی بیدل رح

اهل راز ڄاڻن ٿا ته زندگي – ابوالمعانی بیدل رح

اهل راز ڄاڻن ٿا ته زندگي اهل راز ڄاڻن ٿا ته زندگي جي پيڙه عافيت تي ناهي وڌي وئي. اهو رنگ ڪونه هو، بلڪه رت هُئي جنهن سان انسان جي تصوير ٺاهي وئي آهي.

ميلاپ ۽ ان جي باوجود – ابوالمعانی بیدل رح

ميلاپ ۽ ان جي باوجود – ابوالمعانی بیدل رح

ميلاپ ۽ ان جي باوجود ميلاپ ۽ ان جي باوجود ديدار کان محرومي جو احساس، ڪجهه نه پڇو ته اها ڇا شئي آهي؟ پوري رات گذري وئي ۽ اسان هڪ دفعو به نظرون کڻي ڪري ماهتاب محبوب کي نه ڏٺو.

عاشق حيرت ۾ غرق آهي – ابوالمعانی بیدل رح

عاشق حيرت ۾ غرق آهي – ابوالمعانی بیدل رح

عاشق حيرت ۾ غرق آهي عاشق حيرت ۾ غرق آهي. ڪفر ۽ ايمان کان مٿي ٿي ڪري تماشو ڏسندو آهي ۽ ان ٻنهي کان آجو هوندو آهي.

تنهنجي پيرن جي نشانن – ابوالمعانی بیدل رح

تنهنجي پيرن جي نشانن – ابوالمعانی بیدل رح

تنهنجي پيرن جي نشانن تنهنجي پيرن جي نشانن مان بهار جي خوشبو پئي اچي. هليو آ ته زمين تي مان پنهنجي پيشاني جهڪايان ۽ گُل چونڊي وٺان.

اسان جي حيثيت هڪ – ابوالمعانی بیدل رح

اسان جي حيثيت هڪ – ابوالمعانی بیدل رح

اسان جي حيثيت هڪ اسان جي حيثيت هڪ حباب بلبلي وانگر آهي، مقصد ڪٿان حاصل ڪيون ۽ ڇا ڪري ڏيکاريون؟ حد هي آهي ته نفس تي قابو پائڻ ۾ به مشڪل درپيش آهي.

مان ناز جي بهار آهيان – ابوالمعانی بیدل رح

مان ناز جي بهار آهيان – ابوالمعانی بیدل رح

مان ناز جي بهار آهيان مان ناز جي بهار آهيان ۽ منهنجو تماشي جو ڪوئي واقف محرم ڪونهي. مون کي س ئو طرحن سان يقين ٿي ويو آهي ته منهنجو وجود هڪ خيال آهي مان خود پاڻ پنهنجو خيال آهيان.

دوست جو سُراغ نانءُ – ابوالمعانی بیدل رح

دوست جو سُراغ نانءُ – ابوالمعانی بیدل رح

دوست جو سُراغ نانءُ دوست جو سُراغ نانءُ پتو نفس جي ڀاڪر اندر ۾ موجود آهي، ايترو گهڻو پري به وڃو جو راهه کان ٿڙي وڃو ۽ دانهون ڪندا وتو.

بيدل هتي تُون آهين ۽ – ابوالمعانی بیدل رح

بيدل هتي تُون آهين ۽ – ابوالمعانی بیدل رح

بيدل هتي تُون آهين ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ٻن جهانن جو نظارو، ٻي طرف مان آهيان ۽ پنهنجي پاڻ تي حيران ٿيندڙ ٻن اکين سان گڏ.

وحدت جي اثبات جي لاءِ – ابوالمعانی بیدل رح

وحدت جي اثبات جي لاءِ – ابوالمعانی بیدل رح

وحدت جي اثبات جي لاءِ وحدت جي اثبات جي لاءِ ڪثرت لازم هُئي. کائنات پنهنجي مظاهر سميت جيڪڏهن وجود ۾ نه اچي ها ته ذات يڪتا جو ثبوت مشڪل هجي ها. مان جو کائنات صغري آهيان، هڪ عالم پنهنجي اندر جمع ڪرڻ بعد يڪتا بڻجي پيو آهيان.

مان ۽ منهنجو دلبر هم – ابوالمعانی بیدل رح

مان ۽ منهنجو دلبر هم – ابوالمعانی بیدل رح

مان ۽ منهنجو دلبر هم مان ۽ منهنجو دلبر هم آغوش ٿي ڪري هڪ نقش ٺاهيون. نقاشِ ازل کان اهڙي قسم جي تصوير جي گُهر ڪيان ٿو.

ڇا ٻڌايان ته ان جي – ابوالمعانی بیدل رح

ڇا ٻڌايان ته ان جي – ابوالمعانی بیدل رح

ڇا ٻڌايان ته ان جي ڇا ٻڌايان ته ان جي يڪتائي جي اڪيلائي ۾ ڇا آهي. چڱي طرح ڄاڻ ته ڪونهي پر ايترو ضرور ڄاڻان ٿو ته اُتي به مان ئي آهيان.

اگر زمانو مون کي نٿو سڃاڻي – ابوالمعانی بیدل رح

اگر زمانو مون کي نٿو سڃاڻي – ابوالمعانی بیدل رح

اگر زمانو مون کي نٿو سڃاڻي اگر زمانو مون کي نٿو سڃاڻي ته مون کي پرواهه ناهي. مان خوش آهيان ته آخرڪار مان تنهنجي ئي حسن جو بي مثال آئينو آهيان.

هستي جي خوابِ ناز – ابوالمعانی بیدل رح

هستي جي خوابِ ناز – ابوالمعانی بیدل رح

هستي جي خوابِ ناز هستي جي خوابِ ناز ۾ غافل پيو آهيان پر ايترو ڄاڻان ٿو ته جڏهن ڪو تنهنجو نالو وٺي ٿو مان بيدار ٿي وڃان ٿو.

طوفان ناسوتي – ابوالمعانی بیدل رح

طوفان ناسوتي – ابوالمعانی بیدل رح

طوفان ناسوتي وفا جي عرضي ۾ پنهنجي غبار جو طوفان ناسوتي جسم حوالي ڪري ويٺس، عشق جي نياپي جي تمهيد هجي ته اهڙي هجي.

تعينات جو پردو جيستائين – ابوالمعانی بیدل رح

تعينات جو پردو جيستائين – ابوالمعانی بیدل رح

تعينات جو پردو جيستائين تعينات جو پردو جيستائين آهي تيستائين شيخ ۽ برهمن جا جدا ترانه آهن. شيخ جو دعوو برهمن جي سامهون ڪهڙو پيش ڪيان ۽ برهمن جو ڪهڙو گيت شيخ کي ٻڌايان؟ تعين جو پردو جيڪڏهن وچ مان کڄي وڃي ته ٻنهي کي حقيقت معلوم ٿي ويندي.

محبت جو معاملو – ابوالمعانی بیدل رح

محبت جو معاملو – ابوالمعانی بیدل رح

محبت جو معاملو محبت جو معاملو به هڪ جادو ۽ حيرت ۾ وجهندڙ شئي کان گهٽ ناهي. مان پاڻ کي هُو سمجهي رهيو آهيان ۽ خود پنهنجي ذات سان ڪلام ڪري رهيو آهيان.

دل جو مقصد – ابوالمعانی بیدل رح

دل جو مقصد – ابوالمعانی بیدل رح

دل جو مقصد دل جو مقصد نفس کي ماري بغير حاصل نه ٿيندو.

بيدل تون خواه مخواه – ابوالمعانی بیدل رح

بيدل تون خواه مخواه – ابوالمعانی بیدل رح

بيدل تون خواه مخواه بيدل تون خواه مخواه لڄي آهين ته تحقيق ۾ ناڪام وئين. ان جو غم ڪرڻ بيڪار آهي. اسان سڀ ايئن ئي آهيون جو پنهنجو پاڻ کي آگاهي نه ڏيئي سگهيا آهيون.

هي ڪائنات جيڪا – ابوالمعانی بیدل رح

هي ڪائنات جيڪا – ابوالمعانی بیدل رح

هي ڪائنات جيڪا هي ڪائنات جيڪا بيشمار هنگامن سان گونجي رهي آهي، اگر اکيون بند ڪري ويهند ؤ ته مڪمل اڪيلائي، تنهائي واري جاءِ معلوم ٿيندي.

گفتگو، معني جي تحقيق تائين – ابوالمعانی بیدل رح

گفتگو، معني جي تحقيق تائين – ابوالمعانی بیدل رح

گفتگو، معني جي تحقيق تائين گفتگو، معني جي تحقيق تائين پهچڻ کان غافل ڪندي آهي. ٿورو خاموش ٿي وڃجي ته دل پنهنجو پاڻ ئي ڳالهيندي.

چو طرف سواءِ غبار جي – ابوالمعانی بیدل رح

چو طرف سواءِ غبار جي – ابوالمعانی بیدل رح

چو طرف سواءِ غبار جي چو طرف سواءِ غبار جي ٻيو ڪجهه به ڪونه ٿو نظر اچي. اکين کي ٻه ڪن تصور ڪري وٺو. پنبڙين جو دروازو بند رهي ته آفيت آهي.

اکيون بند ڪري ڇڏ – ابوالمعانی بیدل رح

اکيون بند ڪري ڇڏ – ابوالمعانی بیدل رح

اکيون بند ڪري ڇڏ اکيون بند ڪري ڇڏ، ان کان سواءِ ٻي ڪوشش جي ضرورت ڪونهي. ٿوري دير لاءِ پنبڻيون جُهڪاءِ ته بتخاني ۽ حرم کان گذري ويندين.

مون کي ضبط نفس نفس – ابوالمعانی بیدل رح

مون کي ضبط نفس نفس – ابوالمعانی بیدل رح

مون کي ضبط نفس نفس مون کي ضبط نفس نفس کي قابو ڪرڻ ديدار جي قابل بڻايو . دل ۾ ٻج ڇٽي ڇڏيو ۽ آئينو ميوو بڻجي ٻاهر نڪتو.

سوال هي آهي ته – ابوالمعانی بیدل رح

سوال هي آهي ته – ابوالمعانی بیدل رح

سوال هي آهي ته سوال هي آهي ته ساهه جي اچ وڃ ۽ ان جي عاجزي دل جي راز کان پردو کڻي سگهندي؟ اسان کي اهڙي دروازي تي ويهاريو ويو آهي جنهن جي کلڻ جا آثار مشڪل سان نظر اچن ٿا.

تحقيق جي عالم ۾ خبر – ابوالمعانی بیدل رح

تحقيق جي عالم ۾ خبر – ابوالمعانی بیدل رح

تحقيق جي عالم ۾ خبر تحقيق جي عالم ۾ خبر پئي ته غير حق ۽ خدا کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. اسان جي آئيني ۾ خود اسان جو عڪس اسان کي نظر اچي رهيو آهي.

محبت اهڙو جادو ڪيو ۽ ا – ابوالمعانی بیدل رح

محبت اهڙو جادو ڪيو ۽ ا – ابوالمعانی بیدل رح

محبت اهڙو جادو ڪيو ۽ ا محبت اهڙو جادو ڪيو ۽ اهڙي حيرت ۾ وجهندڙ شئي ڏسجڻ ۾ آئي جو منهنجي حيرت جي انتها نه رهي. يعني آئيني ۾ جيڪا به شڪل نظر آئي اُها خود منهنجي هُئي.

دنيا وحشت ڪدو آهي – ابوالمعانی بیدل رح

دنيا وحشت ڪدو آهي – ابوالمعانی بیدل رح

دنيا وحشت ڪدو آهي دنيا وحشت ڪدو آهي هتي آرام جو ٽڪاڻو ڪٿي؟ فضا ۾ هڪ به اهڙو ذرو ڪونهي جيڪو شديد حرڪت ۽ سرگرمي جي عالم ۾ نه هجي.

بیدل اسين ڇا آهيون – ابوالمعانی بیدل رح

بیدل اسين ڇا آهيون – ابوالمعانی بیدل رح

اسين ڇا آهيون؟ بس ڪجهه گهڙين جو فريب جيڪو موجن وانگر برابر اُبهري پيو. پنهنجي دل کي هستي جو سرچشمو نه چئو. هي محض هڪ سراب آهي. فقير طارق حيات لاشاري

هن اسباب جي دنيا جي – ابوالمعانی بیدل رح

هن اسباب جي دنيا جي – ابوالمعانی بیدل رح

هن اسباب جي دنيا جي هن اسباب جي دنيا جي ۾ مون کي صرف حيرت ئي درڪار آهي. آئيني وانگر ڀت جو نقش منهنجي گهر جو سمورو ساز و سامان آهي.

ڪنهن کي ٻڌايان – ابوالمعانی بیدل رح

ڪنهن کي ٻڌايان – ابوالمعانی بیدل رح

ڪنهن کي ٻڌايان ڪنهن کي ٻڌايان ۽ جي چوان ته ڪير اعتبار ڪندو ته جنهن پري جهڙي چهري تي مان عاشق آهيان اهو مان پاڻ ئي آهيان.

جيڪو تون – ابوالمعانی بیدل رح

جيڪو تون – ابوالمعانی بیدل رح

جيڪو تون جيڪو تون ڏسندو آهين اُها هستي جي صبح ناهي بلڪه اهو هڪ محض نيرنگ يا وري هوس جو تماشو آهي. ۽ هي جو هوش و حواس جو طوفان آهي ان جي حقيقت ايتري قدر آهي جو ساهه بُلند ٿيو پوي.

اگر ٿوري جهٽ – ابوالمعانی بیدل رح

اگر ٿوري جهٽ – ابوالمعانی بیدل رح

اگر ٿوري جهٽ اگر ٿوري جهٽ لاءِ اکيون بند ڪيون وڃن ته يقين ڄاڻو ته آئيني وانگر ظاهر ۽ روشن هڪ قيامت برپا نظر ايندي ۽ پري تائين ڦيليل قبرون عبرت جو منظر پيش ڪندي نظر اينديون. اها ئي حقيقت انسان جي وجود خاڪي جي آهي جيڪا پوري جهان سان ڀيٽائڻ بعد معلوم ٿيندي.

ميلاپ، ديدار جي پياسي – ابوالمعانی بیدل رح

ميلاپ، ديدار جي پياسي – ابوالمعانی بیدل رح

ميلاپ، ديدار جي پياسي ميلاپ، ديدار جي پياسي جو علاج ڪونهي. هو ميلاپ کان بعد به سڪايل ئي رهجي ويندو. هي عجيب تجربو آهي ته اکيون نظاري ۾ محو آهن، مگر ڏسڻ جي آرزو ذري برابر گهٽ نٿي ٿئي.

سمنڊ جي حقيقت ڄاڻڻ وارو ئي – ابوالمعانی بیدل رح

سمنڊ جي حقيقت ڄاڻڻ وارو ئي – ابوالمعانی بیدل رح

سمنڊ جي حقيقت ڄاڻڻ وارو ئي سمنڊ جي حقيقت ڄاڻڻ وارو ئي ٻڌائي سگهي ٿو ته ان جي موجن ۾ ڪهڙي عنصري توانائي آهي. منهنجو ۽ تنهنجو تعلق ايئن آهي جئين موج جو سمنڊ سان آهي. مون کي اهو ڄاڻي جنهن کي تنهنجي هستي جو اندازو هجي. جنهن تو کي ڏٺو ئي ناهي اهو منهنجي حال تائين ڪيئن پهچي سگهندو.

تحقيق جو رستو بند آهي – ابوالمعانی بیدل رح

تحقيق جو رستو بند آهي – ابوالمعانی بیدل رح

تحقيق جو رستو بند آهي تحقيق جو رستو بند آهي ۽ پردو کڻي ڪري اندر اچڻ جي اجازت ڪونهي. هستي جو اهو انداز آهي ۽ عمر اهڙي ريت گذري رهي آهي جيئن دروازي تي ڪڙو لڙڪندو رهندو آهي.

مان ڪڏهن ڪعبي – ابوالمعانی بیدل رح

مان ڪڏهن ڪعبي – ابوالمعانی بیدل رح

مان ڪڏهن ڪعبي مان ڪڏهن ڪعبي جي طرف ويندو آهيان ۽ ڪڏهن بتخاني طرف منهن ڪندو آهيان. مان ديوانو آهيان، جٿي به وڃان ٿو ته ماڻهو هر طرف کان پٿر هڻن ٿا.

خيال بالاآخر بيرنگي – ابوالمعانی بیدل رح

خيال بالاآخر بيرنگي – ابوالمعانی بیدل رح

خيال بالاآخر بيرنگي خيال بالاآخر بيرنگي حقيقت مطلق جي طرف مائل آهيان. جيتوڻيڪ دنيا ۾ رنگ ئي رنگ آهي. مان هڪ غونچ وانگر بند رهي ڪري باطن جي درشن ۾ محو آهيان. دوست جي خوشبو دل ۾ وسي پئي.

بیدل اسان جي هستي هڪ وهم – ابوالمعانی بیدل رح

بیدل اسان جي هستي هڪ وهم – ابوالمعانی بیدل رح

اسان جي هستي هڪ وهم جو بلبلو آهي، هتي لب کولڻ )جي معني آهي( فنا ٿي وڃڻ. انهيءَ شرمندگي جي ڪري اسين خاموش آهيون. فقير طارق حيات لاشاري

هن غفلت جي غبار – ابوالمعانی بیدل رح

هن غفلت جي غبار – ابوالمعانی بیدل رح

هن غفلت جي غبار هن غفلت جي غبار جو ڇا علاج هجي جو اکيون ديدار سان ڀرپور آهن ۽ پوءِ به خالي آهن.

ڪفر ۽ دين هڪ – ابوالمعانی بیدل رح

ڪفر ۽ دين هڪ – ابوالمعانی بیدل رح

ڪفر ۽ دين هڪ ڪفر ۽ دين هڪ ٻي سان پيچ در پيچ ۽ ڳنڍي در ڳنڍي پيوسته آهن. ظلمت ۽ نور جو اهو ئي واسطو آهي ۽ اهڙو ئي تعلق آهي جيڪو آئيني جو اُن جي جوهر سان هوندو آهي.

جيڪڏهن اڪيلائي – ابوالمعانی بیدل رح

جيڪڏهن اڪيلائي – ابوالمعانی بیدل رح

جيڪڏهن اڪيلائي جيڪڏهن اڪيلائي ميسر اچي وڃي ته دل پڪاريندو ته اسان جي تلاش جي تڪليف نه ڪريو، نه وري ڪو سُراغ ملي سگهي ٿو. اسين اُتي آهيون جٿي عنقا عدم جي رسائي به مشڪل سان ٿيندي آهي.

اکيون بند ڪري – ابوالمعانی بیدل رح

اکيون بند ڪري – ابوالمعانی بیدل رح

اکيون بند ڪري اکيون بند ڪري ڇڏيو ۽ هن هستي جي محفل جي مڪروهات کي ڏسڻ ڇڏي ڏيو. اکيون بند ڪرڻ کان پوءِ ٻيو ئي جهان نظر ايند و ۽ اهڙو هُنر واضع ٿيندو جيڪو بظاهر غيب جي پردي ۾ لڪيل آهي.

مون کان ڇا ٿا پڇو – ابوالمعانی بیدل رح

مون کان ڇا ٿا پڇو – ابوالمعانی بیدل رح

مون کان ڇا ٿا پڇو مون کان ڇا ٿا پڇو ته ڪعبي ۽ بتخاني ۾ ڇا فرق آهي؟ مان عاشق هيس جيڪو به سامهون آيو اُن جي پرستش ڪئي.

  • 1
  • 2